ٽهلرام بلڊنگ

ٽهلرام بلڊنگ

ٽهلرام بلڊنگ

ٽهلرام بلڊنگ: هيءَ حويليءَ نما گهر ٽهلرام نالي هڪ هندو زميندار نوشهري فيرز ضلعي جي شهر ڀريا ۾ لڳ ڀڳ 1908ع ڌاري ٺهرائي هئي. هن عمارت کي ڏسڻ سان سنڌ جو اصل اڏاوتي نمونو سمجهه ۾ اچي سگھي ٿو. هن ٻه ماڙ عمارت جو در ڏکڻ طرف آهي، جنهن کي گول ونگ ڏنل آهي. دروازو ڪاٺ جو ۽ ڪافي ڪشادو آهي، جنهن تي اڪر جو چڱو ڪم ٿيل هوندو جيڪو مَر مٽيءَ ۾ دٻجي ويل ٿو ڀانئجي. ونگن سان مهاڙي ۾ ٽي دريون ۽ انهن جي مٿان ٻه روشن دان ٺهيل آهن. عمارت جو ٻيو حصو ٻي ماڙ آهي جنهن تي اندارن ڏاڪڻ تان پهچي سگھجي ٿو. ان کي ٻه گول ونگن سان ٻه دريون ڏنل آهن. درين جا چوڪاٺ ڪاٺ جا ٺهيل آهن جن ۾ وچ تي ڪاٺي ڏئي سل ڪڍي لوهي شيخون وڌيون ويون آهن. پهرين ماڙ جي روشن دانن ۾ به ڪاٺ جا تختا اهڙي نموني ڏنل آهن جو اهي اندران کلي ۽ بند ٿي سگھن. هي روشني ۽ هوا جي گذر جو اڳي واحد ذريعو هوندا هئا. انهن هوائوڻن روشن دانن کي به مٿان سڌيون ونگون ڏئي مظبوط ڪيو ويو آهي. شاهي دروازي کي گول ونگ ڏنل آهي. چوڪاٺي ۽ ونگ جي وچ تي اڀريل گلڪاري ڪيل آهي جيڪا ستارن وانگر لڳي ٿي. ٻي ماڙ جو منهن اوڀر طرف آهي ۽ ان کي ڪوبه در ڏنل ڪونه آهي. ان جي اڳيان اڱڻ ڇڏيل آهي جو اونهاري ۾ ماڻهو کڏ تي يا ڪوٺي تي سمهندا هئا. جهڙي ڦڙيءَ جي صورت ۾ ماڻهو انهيءَ ڇاپري نما ٻي ماڙ ۾ سمهي ٿي سگھيو. ٻنهي ماڙين تي نيڪال لاءِ لوهه جا نيسارا ٺهيل آهن. ٻي ماڙ جي مٿان ڪنڊن تي پڪين سرن جي ٺلهين ۾ چئني پاسي لوهي گرل لڳل آهي. سرون سٺيون پڪل ۽ هڪ فوٽيون استعمال ٿيل آهن. هي سڄي عمارت 5000 چورس فوٽن تي ڦهليل آهي. جيڪا قريشي محلا ۾ ڪافي زبون حاليءَ جو شڪار آهي. هن جو مالڪ 1979ع ۾ هندستان هليو ويو. هن وقت هيءَ عمارت مسافر خاني طور استعمال ٿي رهي آهي. اندر ورانڊو به ونگن تي ٺهيل آهي. هي سنڌي عمارت سازيءَ جو مثالي نمونو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو